ڏيپلي تعلقي جي تاريخ

ڏيپلي تعلقي جي تاريخ

ڏيپلي تعلقي جي تاريخ

ڏيپلي تعلقي جي تاريخ (ڪتاب): ڏيپلي تعلقي جي تاريخ تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ محمد عثمان اديب آهي. هن ڪتاب ۾ ڏيپلي تعلقي جو جاگرافيائي جائزو وٺڻ سان گڏ آدمشماري، اتي ڳالهائجندڙ ٻولين، رهندڙ ذاتين، آبهوا، گاهه، ولين، وڻن، جانورن، ڀٽن، ڏهرن، تراين، کوهن، ميلن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، تعليمي ادارن، فنڪارن، صحت مرڪزن، رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ وغيره بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ جي مختلف علمي ادبي پروگرامن ۽ ذاتي محفلن ۾ نڪتل تصويرن جو البم به ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب غلام محمد (ميجر) سهيڙيو آهي. سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان ڇپرايل ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل سان ۽ پڪي بائينڊنگ تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 322 صفحا آهن جنهن جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ ڏيپلي تعلقي جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو